دانيال 4:33 - Muslim Sindhi Bible33 انهيءَ ئي گھڙيءَ اها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي جو ماڻهن کيس انساني معاشري مان هڪالي ڪڍيو. پوءِ هو ڍڳن وانگر گاهہ چرندو رهيو ۽ هن جو بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندو رهيو. انهيءَ وقت دوران هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن جيان وڌي ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible33 انهي ڪري اُها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي؛ ۽ هو ماڻهن مان ڪڍيو ويو، ۽ ڍڳن وانگي گاهہ کاڌائين، ۽ سندس بُت ماڪ سان پُسيو، ۽ اهڙو جو هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر وڌي ويا، ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن وانگي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.
هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.