دانيال 4:32 - Muslim Sindhi Bible32 ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 ۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.