Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اها ڳالهہ اڃا بادشاهہ جي زبان تي ئي هئي تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”اي بادشاهہ نبوڪدنضر! تو کي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان هاڻي جو هاڻي نڪري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 اڃا اها ڳالهہ بادشاهہ جي وات تي ئي هئي، تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي بادشاهہ نبوڪدنضر، توکي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان نڪري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:31
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.


جڏهن هو پنهنجو پيٽ ڀرڻ تي هوندا، تڏهن خدا مٿن پنهنجو خوفناڪ غضب نازل ڪندو. هو انهيءَ غضب ۾ ٻڏل رهندا، ڇو تہ خدا اهو سندن مٿان مينهن وانگر وسائيندو رهندو.


بيشڪ تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي. هائو، تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي. اي خداوند! تنهنجا سڀيئي قول سچا آهن، ۽ تنهنجا سمورا ڪم ڀلا آهن.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو.


هائو، مون قادرِمطلق خداوند ئي اهي منصوبا جوڙيا آهن، هاڻي ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي روڪي سگھي؟ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو منهنجي وڌيل هٿ کي پوئتي هٽائي سگھي.“


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


سو اي بادشاهہ! انهيءَ جو تعبير ۽ خدا تعاليٰ جو اهو فيصلو، جيڪو منهنجي آقا بادشاهہ جي باري ۾ ڪيو ويو آهي سو هي آهي.


پر خواب ۾ هي حڪم بہ ڏنو ويو تہ انهيءَ وڻ جي ٿُڙ کي پاڙن سميت لڳل ڇڏي ڏنو وڃي. انهيءَ حڪم مان مراد اها آهي تہ جڏهن توهين قبول ڪندا تہ حڪومت عرش واري خدا جي ئي آهي، تڏهن توهان کي توهان جي بادشاهت تي وري قائم ڪيو ويندو.


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.


پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.


’ورهاست‘ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي ۽ اها مادئين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“


هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي، هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو. هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“


پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


پر خدا چيس تہ ’اي بي‌وقوف! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


سو اي بابا! تون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪر.“ تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


ايتري ۾ مون قربان‌گاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي خداوند، قادرِمطلق خدا! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“


پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو حڪم خداوند تو کي ڏنو هو، تنهن تي تو عمل نہ ڪيو. سو خداوند هڪڙو اهڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، جيڪو سندس دلي خواهش موجب آهي، جنهن کي هن پنهنجيءَ قوم جو اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“


بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ