دانيال 4:26 - Muslim Sindhi Bible26 پر خواب ۾ هي حڪم بہ ڏنو ويو تہ انهيءَ وڻ جي ٿُڙ کي پاڙن سميت لڳل ڇڏي ڏنو وڃي. انهيءَ حڪم مان مراد اها آهي تہ جڏهن توهين قبول ڪندا تہ حڪومت عرش واري خدا جي ئي آهي، تڏهن توهان کي توهان جي بادشاهت تي وري قائم ڪيو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 ۽ هن جو انهي وڻ جي پاڙن واري بنڊ ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڏنو؛ سو جڏهن توکي معلوم ٿي رهندو تہ حڪومت آسمان ٿا هلائين، تڏهن تنهنجي بادشاهت تنهنجي لاءِ پڪي طرح قائم ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘
هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.