Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:25 - Muslim Sindhi Bible

25 ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجو تخت عرش عظيم تي قائم ڪيو آهي، هر شيءِ تي سندس ئي حڪومت هلي ٿي.


ائين هنن پنهنجي عظيم خدا کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهيءَ جي بجاءِ گاهہ کائيندڙ هڪ جانور جي مورتي چونڊي ورتائون.


پر اهو خدا ئي آهي جيڪو انصاف ڪندي، ڪنهن کي هيٺ ٿو ڪيرائي تہ ڪنهن کي مٿي چاڙهي ٿو.


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


اي بادشاهہ سلامت! توهين بادشاهن جا بہ بادشاهہ آهيو، جنهن کي عرش عظيم واري خدا شهنشاهي ۽ اختياري، طاقت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي.


پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“


ڇاڪاڻ تہ هُن جي انساني سوچ بدلجي حيواني ٿيندي، ايستائين جو هن جي مٿان ستن سالن جو عرصو گذري ويندو.


آسماني نگهبانن جي اها ئي فتويٰ آهي، هائو، پاڪن جي طرفان اهو ئي فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ساهوارو اها ڳالهہ قبول ڪري، تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي بادشاهت عطا ڪري ٿو، پوءِ اهو بلڪل ادنيٰ ماڻهو ئي کڻي ڇو نہ هجي.“


آءٌ مناسب ٿو ڄاڻان تہ اهي نشانيون ۽ عجيب ڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايان، جيڪي خدا تعاليٰ مون لاءِ ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ