Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اهو ئي خواب آهي، جيڪو مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي. هاڻي اي بيلطشضر! انهيءَ جو تعبير بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي بادشاهت جو ڪوبہ عالم انهيءَ جو تعبير ٻڌائي نہ ٿو سگھي. رڳو تون ئي ٻڌائي سگھين ٿو، ڇوجو تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف کيس چيو تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن.


فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جو تعبير نہ ٿو ڪري سگھي. پر تنهنجي باري ۾ ٻڌو اٿم تہ تون خوابن جو تعبير ڪري ٿو سگھين.“


صبح جو هن جي دل گھٻرائڻ لڳي. سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر ۽ ڏاها ماڻهو گھرايا. فرعون انهن کي پنهنجا خواب ٻڌايا پر انهن مان ڪوبہ سندس خوابن جو تعبير نہ ڪري سگھيو.


جڏهن آءٌ مصرين جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندس، تڏهن اهي همت هاري ويهندا. پوءِ هو پنهنجن بتن کان، جادوگرن کان، ڀوپن کان، ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کان پيا پڇائون ڪندا.


ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي جيڪا بہ ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي پنهنجي پوري بادشاهت جي سڀني جادوگرن ۽ نجومين کان ڏهہ ڀيرا وڌيڪ بهتر لڌو.


ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو.


هنن ٻيو ڀيرو عرض ڪندي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهن کي رڳو اهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهيءَ جو تعبير بيان ڪريون.“


هاڻ عالمن ۽ نجومين کي آڻي مون آڏو حاضر ڪيو اٿن انهيءَ لاءِ تہ اهي هن ڀت واري لکت پڙهي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائين، پر هو ائين نہ ڪري سگھيا آهن.


تڏهن بادشاهہ جا عالم اڳتي ايندا ويا، پر اهي سڀيئي اها لکت پڙهي بادشاهہ کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيا.


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ