دانيال 4:17 - Muslim Sindhi Bible17 آسماني نگهبانن جي اها ئي فتويٰ آهي، هائو، پاڪن جي طرفان اهو ئي فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ساهوارو اها ڳالهہ قبول ڪري، تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي بادشاهت عطا ڪري ٿو، پوءِ اهو بلڪل ادنيٰ ماڻهو ئي کڻي ڇو نہ هجي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.