انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘