Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هن وڏي آواز سان پڪاري چيو تہ ”هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي، ۽ انهيءَ جون ٽاريون وڍيون وڃن. انهيءَ جا پن ڇاڻيا وڃن ۽ ميوو ڪڻو ڪڻو ڪيو وڃي. ڀل ان جي هيٺان جانور ڀڄي وڃن، ۽ انهيءَ مان پکي اڏامي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 انهيءَ وڏي آواز سان هيئن چيو تہ هي وڻ وڍي ڪيراءِ، انهيءَ جون ٽاريون وڍ، ۽ پن ڇاڻ ۽ ڦر پکيڙي ڇڏ، ڀلي تہ جانور اُنهي جي هيٺان نڪري وڃن، ۽ پکي بہ اُنهي جي ٽارين مان اُڏامي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا مان سندن نالو نشان بہ ختم ٿيو وڃي، ايتري قدر جو پيٽان ڄڻيندڙ ماءُ بہ کين وساري ڇڏي ٿي. ڪينئان کين کائي چٽ ڪن ٿا، هائو، کين وڻ وانگر پٽي ڪيرائي برباد ڪيو وڃي ٿو.


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“


سو هاڻي آءٌ خداوند خدا اوهان کي انهيءَ وڻ جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. جيئن تہ اهو نهايت قداور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي چوٽي وڃي آسمان تائين پهچائي ڇڏي اٿائين، تنهنڪري انهيءَ جي دل ۾ تڪبر اچي ويو آهي.


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


تڏهن هڪڙي منادي ڪرڻ واري وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو تہ ”اي سموريون قومون ۽ قبيلؤ، بلڪ سڀ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارؤ! اوهان کي حڪم ٿو ڏجي تہ


انهيءَ جا پن سهڻا هئا ۽ منجھس ايترو تہ جھجھو ڦر هو، جو پوريءَ دنيا کي انهيءَ مان کاڌو ٿي مليو. جانورن ان جي هيٺان پناهہ ٿي ورتي، ۽ پکين ان ۾ آکيرا ٿي ٺاهيا، سڀني ساهوارن جو انهيءَ تي ئي گذران هو.


انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘


هڪڙي ئي سال گذرڻ کان پوءِ جڏهن هو بابل ۾ پنهنجي شاهي محل جي ڇت تي پئي گھميو،


پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.


هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.


جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باهہ ۾ وجھبو آهي.


ياد رکو، هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.“


پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ