اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.
انهيءَ ڪري اوهين يهوداہ جا سڀ جلاوطن جيڪي بابل ۾ آهيو سي هيءَ لعنت مثال طور ڪم آڻيندا تہ ”شل خداوند تو کي صدقياہ ۽ اخياب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.“
خدا جي انهيءَ ڏنل عظمت جي ڪري سڀ قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ کانئس ڊڄندا ۽ ڏڪندا هئا. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي جيئرو رکندو هو. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي سرفراز ڪندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي ڪيرائي ڇڏيندو هو.