دانيال 3:29 - Muslim Sindhi Bible29 تنهنڪري آءٌ هي حڪم ٿو جاري ڪريان تہ ڪنهن بہ قوم ۽ قبيلي توڙي مختلف ٻوليءَ وارو جيڪڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالهائي تہ انهيءَ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي گھر کي ڊاهي ويران دڙو ڪيو وڃي. ان جو سبب هي آهي جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو هن طرح بچائي ٿو سگھي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.