دانيال 3:26 - Muslim Sindhi Bible26 پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 تڏهن نبوڪدنضر باهہ جي ٻرندڙ کوري جي منهن کي ويجهو آيو: ۽ هن چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانها، اوهين نڪري هيڏي اچو، تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو باهہ منجهان آيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.