دانيال 3:25 - Muslim Sindhi Bible25 سو بادشاهہ کين وري چيو تہ ”ڏسو، آءٌ باهہ جي وچ ۾ چئن ماڻهن کي کُليل ڏسان پيو، جيڪي گھمندا ڦرندا ٿا وتن ۽ انهن کي ڪو ايذاءُ بہ ڪونہ رسيو آهي، جڏهن تہ چوٿين ماڻهوءَ جي شڪل معبودن جهڙي ٿي ڏسجي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڏسو، آءٌ چئن ماڻهن کي باهہ جي وچ ۾ کليل گهمندو ٿو ڏسان، ۽ انهن کي ڪوبہ ايذاءُ نہ پهتو آهي؛ ۽ چوٿين جي شڪل ولد الاهيءَ جهڙي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.