Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 3:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ بادشاهہ جي سخت تاڪيدي حڪم موجب کوري جي تپش تمام تيز هئي، تنهنڪري سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي کوري جي ويجھو کڻي ايندڙ پهلوانن کي انهيءَ تپش ساڙي ختم ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 هاڻي بادشاهہ جو حڪم تمام ضروري هو ۽ کورو تمام تتل هو، تنهنڪري باهہ جي مچ انهن ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي وٺي آيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 3:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو روانو ٿيو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ ماڻهوءَ جو لاش رستي تي پيو آهي ۽ گڏهہ ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺا آهن. شينهن نڪي لاش کي کاڌو آهي ۽ نہ وري گڏهہ کي ئي ڦاڙيو اٿائين.


مصرين انهن ماڻهن تي جلد کان جلد ملڪ مان نڪري وڃڻ تي زور ٿي لاتو. هنن کين چيو ٿي تہ ”جيڪڏهن اوهين نہ نڪرندا تہ اسين سڀ مري وينداسين.“


سچارن کي خداوند مصيبتن مان بچائي وٺي ٿو، مگر بدڪارن تي مصيبتون اچيو ڪڙڪن.


سزا جي وقت نيڪ ماڻهو بچايا ويندا، مگر انهن جي بدلي بدڪارن کي سزا ڏني ويندي.


محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين.


هن اريوڪ کان پڇيو تہ ”بادشاهہ اهڙو سخت حڪم ڇو جاري ڪيو آهي؟“ تڏهن اريوڪ دانيال کي سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي.


پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.


تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.


هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هيروديس بادشاهہ يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ