دانيال 3:18 - Muslim Sindhi Bible18 پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ! توهان کي خبر هجي تہ اسين توهان جي معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪنداسين، نڪي وري توهان جي کڙي ڪرايل انهيءَ سوني مورتيءَ کي ئي سجدو ڪنداسين.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ توکي خبر هجي تہ اسين تنهنجن معبودن جي عبادت ڪين ڪنداسين، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪنداسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.
هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“