Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 3:17 - Muslim Sindhi Bible

17 باقي، اي بادشاهہ! اسان جو خدا، جنهن جي ئي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو جيڪڏهن اسان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري مان بچائڻ چاهيندو تہ اسين توهان جي هٿان بچي نڪرنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 3:17
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


هو تو کي بار بار مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ڪا ئي خرابي تو کي نقصان نہ رسائيندي.


جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.


خداوند سچارن کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي مصيبت جي وقت تي سندن جاءِ‌پناهہ آهي.


ھائو، خداوند انهن جي مدد ڪري ٿو. هو بڇڙن کان ڇڏائي کين بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند وٽ اچي پناهہ ورتي آهي.


اي ڌڻي! تون اُٿي انهن کي ائين حقير ڄاڻي ڇڏ، جيئن ڪو خواب ڏسي جاڳي اٿڻ تي حقير ڄاڻي اهو وساريو ڇڏي.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


تون انهن کي ڏسي کانئن هرگز نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ تو کي هن قوم جي اڳيان پتل جي هڪڙي مضبوط ڀت بڻائيندس. تنهنجا مخالف تو سان وڙهندا پر تو تي غالب اچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي ڇڏائڻ ۽ بچائڻ واسطي تو سان گڏ آهيان.


آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا.


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


تڏهن بادشاهہ جي حڪم تي دانيال کي وٺي آڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. تنهن هوندي بہ بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”شال تنهنجو خدا، جنهن جي ئي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو تو کي بچائي.“


تڏهن بادشاهہ جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. پوءِ هن حڪم ڪيو تہ ”دانيال کي ڪڍي ٻاهر آڻيو.“ سو دانيال کي ڏر مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. کيس ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ رسيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي خدا تي ڀروسو ڪيو هو.


هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي، هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو. هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”جنهن خداوند مون کي شينهن توڙي رڇن جي چنبن کان بچائي ورتو، سو ئي مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو.“ تڏهن سائول چيس تہ ”وڃ، شل خداوند تو ساڻ هجي.“


اڄوڪي ڏينهن خداوند تو کي منهنجي هٿ ۾ ڏيندو ۽ آءٌ تو کي ماري تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس. اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن ڏانهن اڇلائيندس. اهڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا کي خبر پوندي تہ بني اسرائيل جو هڪڙو خدا آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ