Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! انهيءَ ڳالهہ بابت اسين پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ بہ نہ ڳالهائينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن سدرڪ، ميسڪ، عبدنجو ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو تہ اي نبوڪدنضر انهي ڳالهہ بابت توکي جواب ڏيڻ جو اسان کي ضرور ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 3:16
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ تي تہ آسانيءَ سان غلبو حاصل ڪري سگھجي ٿو. مگر ٻہ ڄڻا تہ مقابلو ڪري سگھن ٿا، جيئن چوڻي آهي تہ ”ٽيڻو وٽيل ڌاڳو آسانيءَ سان ڪين ٿو ٽُٽي.“


محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين.


هاڻي اي بادشاهہ سلامت! ڪي يهودي ماڻهو آهن، جن کي توهان بابل صوبي جي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو آهي، يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، تن توهان جي حڪم جي ڪا پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي. هو توهان جي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪن، نہ ئي انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪا توهان کڙي ڪرائي بيهاري آهي.“


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ