دانيال 2:47 - Muslim Sindhi Bible47 پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible47 بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.