Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:44 - Muslim Sindhi Bible

44-45 توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 ۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:44
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


هو ئي منهنجي نالي هڪڙو گھر جوڙيندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


تنهنجو گھر ۽ تنهنجي بادشاهت هميشہ منهنجي نظر هيٺ رهندي ۽ تنهنجو تخت هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو ويندو.‘“


بيشڪ تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي. هائو، تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي. اي خداوند! تنهنجا سڀيئي قول سچا آهن، ۽ تنهنجا سمورا ڪم ڀلا آهن.


باقي جيڪي قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي خدمت نہ ڪندا، سي تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. هائو، اهي قومون بلڪل چٽ ڪيون وينديون.


هو انهيءَ ملڪ ۾ آباد ٿيندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو ۽ جنهن ۾ سندن ابا ڏاڏا رهندا هئا. سو هو گھڻين ئي پيڙهين تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا. منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان بادشاهہ بہ هميشہ مٿن حڪمراني ڪندا رهندا.


پر عرش تي هڪ خدا آهي، جيڪو ڳُجھين ڳالهين کي ظاهر ٿو ڪري، تنهن ئي توهان بادشاهہ سلامت کي اها ڳالهہ ڄاڻائي آهي تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو. هاڻي آءٌ توهان کي توهان جو خواب يعني اها رويا جيڪا توهان پنهنجي پلنگ تي سمهندي ڏٺي، سا ٻڌايان ٿو.


جڏهن توهان انهيءَ کي ڏٺو پئي، تڏهن اوچتو هڪڙو وڏو پٿر انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ ٽڪر مان ٽٽي نڪتو ۽ انهيءَ مورتيءَ جي پيرن تي اچي ڪريو، جيڪي لوهہ ۽ ٺڪر جا هئا ۽ انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين.


تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِ‌زمين کي ڀري ڇڏيائين.


اي بادشاهہ سلامت! توهين بادشاهن جا بہ بادشاهہ آهيو، جنهن کي عرش عظيم واري خدا شهنشاهي ۽ اختياري، طاقت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي.


جيئن توهان ڏٺو تہ لوهہ ٺڪر سان گڏيل هو، تنهن جو مطلب آهي تہ انهيءَ جي حڪمرانن جو تخم پاڻ ۾ گڏجي سڏجي تہ ويندو، پر اهي هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ سگھندا، جيئن لوهہ ۽ ٺڪر هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي نہ ٿا سگھن.


خدا جون نشانيون ڪيڏيون نہ عظيم آهن! بيشڪ سندس عجيب ڪم ڪيڏا نہ زبردست آهن! هن جي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، هائو، هن جي حاڪميت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.


پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي، هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو. هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“


تڏهن ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جي حڪومت، سلطنت ۽ شان وَ شوڪت خدا تعاليٰ جي انهن چونڊيل بندن کي ڏني ويندي. سندن شهنشاهت دائمي شهنشاهت هوندي ۽ ٻيون سموريون حڪومتون انهن جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.“


جيئن تہ هو بيحد چالاڪ هوندو، سو پنهنجي ٺڳيءَ وارين اٽڪلن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجھندو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سندن بي‌خبريءَ ۾ ناس ڪري ڇڏيندو. ايتري قدر جو هو حاڪمِ اعليٰ خدا جي خلاف پڻ اُٿي کڙو ٿيندو. پر انهيءَ کي انساني هٿ لائڻ کان سواءِ ئي تباهہ ڪيو ويندو.


اهي پنهنجي وطن کان پري ۽ بي‌وس آهن. بلڪ جيڪي بہ بني اسرائيل جا باقي بچي ويل آهن، تن سڀني کي آءٌ وري بحال ڪري هڪ زورآور قوم بڻائيندس. ان وقت کان وٺي آءٌ خداوند صيئون جبل تان هميشہ تائين مٿن حڪومت ڪندو رهندس.


آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.


آءٌ سڀني قومن کي لوڏو ڏيئي شڪست ڏيندس ۽ سندن خزانا هتي يروشلم ۾ آڻي هن هيڪل جي شان وَ شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيندس،


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اها خدا کي پسند اچي،


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


جيئن مون کي پنهنجي پيءُ کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي شاهي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ