دانيال 2:41 - Muslim Sindhi Bible41 جهڙيءَ طرح توهان ڏٺو تہ مورتيءَ جا پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجھہ ٺڪر جون ۽ ڪجھہ لوهہ جون هيون، تيئن اها بہ ورهايل شهنشاهت هوندي. تنهن هوندي بہ انهيءَ ۾ ڪجھہ لوهہ جهڙي مضبوطي هوندي، ڇو تہ ٺڪر سان لوهہ گڏيل هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible41 ۽ جهڙيءَ طرح تو پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجهہ ڪنڀرن واريءَ مٽيءَ جون ۽ ڪجهہ لوهہ جون ڏٺيون، تيئن اُها بہ ورهايل بادشاهت ٿيندي؛ پر انهيءَ ۾ لوهہ جهڙو زور هوندو، جو تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.