Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:38 - Muslim Sindhi Bible

38 ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:38
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آس‌پاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


انهيءَ مورتيءَ جو مٿو نج سون جو هو، انهيءَ جو سينو ۽ ٻانهون چانديءَ جون هيون ۽ انهيءَ جو پيٽ ۽ رانون پتل جون هيون.


توهان کان پوءِ هڪڙي ٻي شهنشاهت چانديءَ مثل ٺهندي، جيڪا توهان جي شهنشاهت کان ڪمتر هوندي. انهيءَ کان پوءِ ٽين شهنشاهت پتل مثل ٿيندي، جيڪا سڄي ڌرتيءَ تي حڪومت ڪندي.


اهو ئي خواب آهي، جيڪو مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي. هاڻي اي بيلطشضر! انهيءَ جو تعبير بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي بادشاهت جو ڪوبہ عالم انهيءَ جو تعبير ٻڌائي نہ ٿو سگھي. رڳو تون ئي ٻڌائي سگھين ٿو، ڇوجو تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي.‘“


اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.


پهريون جانور شينهن جهڙو هو، مگر کيس عقاب جهڙا پر هئا، جيڪي منهنجي ڏسندي ڏسندي پٽي ڪڍيا ويا. پوءِ کيس زمين کان مٿي کڻي انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو ۽ کيس انساني سوچ ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ