دانيال 2:37 - Muslim Sindhi Bible37 اي بادشاهہ سلامت! توهين بادشاهن جا بہ بادشاهہ آهيو، جنهن کي عرش عظيم واري خدا شهنشاهي ۽ اختياري، طاقت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible37 اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.
پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.