Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:35 - Muslim Sindhi Bible

35 تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِ‌زمين کي ڀري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:35
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر گرميءَ جي وقت انهن جو پاڻي زمين ۾ جذب ٿي غائب ٿيو وڃي، ۽ اهي نهرون سڪي ٺوٺ ٿي وينديون آهن.


جيئن ئي انهيءَ تي واءُ لڳي ٿو تہ اهو گم ٿيو وڃي، پوءِ وري انهيءَ جي پنهنجي جاءِ کي بہ انهيءَ جو پتو نہ ٿو پوي.


سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.


هائو، ٿوري عرصي ۾ ئي اهي اهڙا نابود ٿي ويندا، جو ڳوليا نہ لڀندا.


پر پوءِ جڏهن آءٌ انهيءَ وٽان لنگھيس، تڏهن ڏٺم تہ اهو هو ئي ڪين. مون انهيءَ جي ڳولا ڪئي پر مون کان لڌو ئي ڪين.


هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.


سڄي ڌرتي تو کي سجدو ڪندي ۽ تنهنجا گيت ڳائيندي. هائو، اُهي تنهنجي نالي جا گيت پيا ڳائيندا.“


اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.


هائو، خداوند جي پاڪ جبل صيئون تي نہ ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسندو ۽ نہ وري ڪو ماريو ويندو، ۽ جيئن پاڻي سمنڊ کي ڀري ڇڏي ٿو، تيئن پوري ڌرتي خداوند کي سڃاڻڻ وارن سان ڀريل هوندي.


اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِ‌غنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون رب‌العالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“


اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري.


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آسمان ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ