Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:31 - Muslim Sindhi Bible

31 اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. توهان پنهنجي رويا ۾ ڏٺو تہ هڪڙي وڏي مورتي آهي، جيڪا توهان جي اڳيان بيٺي آهي. اها مورتي تمام قداور، بيحد تجليدار ۽ هيبتناڪ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 اي بادشاهہ، تو هڪڙي وڏي مورت ڏٺي. اُها مورت جا وڏي هئي، ۽ جنهن جي رونق عجيب هئي، سا تنهنجي اڳيان اچي بيٺي؛ ۽ انهي جي صورت هيبتناڪ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.


سو ياد رک، آءٌ تو تي اهڙا ڌاريا ماڻهو چاڙهي آڻيندس، جيڪي قومن ۾ نهايت هيبتناڪ آهن. هو تنهنجو هنرمنديءَ واري واپار سان اڏيل شاندار شهر تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.


اهو ئي توهان جو خواب هو ۽ هاڻي آءٌ بادشاهہ جي حضور ۾ انهيءَ جو تعبير بيان ڪندس.


اي بادشاهہ سلامت! توهين بادشاهن جا بہ بادشاهہ آهيو، جنهن کي عرش عظيم واري خدا شهنشاهي ۽ اختياري، طاقت ۽ عظمت عطا ڪئي آهي.


بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورتي ٺهرائي، جنهن جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر ٽي ميٽر هئي. هن انهيءَ کي بابل جي صوبي ۾ دورا نالي ميدان ۾ کڙو ڪرايو.


سو انهيءَ ئي وقت منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. منهنجي بادشاهت جو شان وَ شوڪت، منهنجو رعب ۽ حشمت مون ۾ موٽي آيا. منهنجا مشير ۽ امير وري مون سان اچي گڏيا. مون کي پنهنجي بادشاهت تي بحال ڪيو ويو ۽ منهنجي عظمت اڳي کان بہ گھڻو وڌي ويئي.


اها خوفناڪ ۽ هيبتناڪ قوم آهي. اها جيڪا پاڻ ئي پنهنجي عدالت آهي، ۽ پاڻ ئي پنهنجي مان ۾ اضافو ڪندي آهي.


ابليس عيسيٰ کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس


پوءِ ابليس کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ