Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 دانيال، جنهن کي بابل ۾ بيلطشضر جي نالي سان سڏيو ويندو هو تنهن کان بادشاهہ پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ مون کي اهو خواب، جيڪو مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌائي سگھندين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 بادشاهہ ورندي ڏيئي داني ايل کي چيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، تہ تون مون کي اهو خواب جو مون ڏٺو آهي سو، ۽ ان جو تعبير ٻڌائي سگهندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:26
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جو تعبير نہ ٿو ڪري سگھي. پر تنهنجي باري ۾ ٻڌو اٿم تہ تون خوابن جو تعبير ڪري ٿو سگھين.“


محل جي داروغي انهن جا نالا بدلائي نوان نالا رکيا. دانيال جو بيلطشضر، حنانياہ جو سدرڪ، ميساايل جو ميسڪ ۽ عزرياہ جو عبدنجو نالو رکيائين.


نيٺ دانيال منهنجي آڏو آيو، جنهن جو نالو بابل ملڪ ۾ منهنجي معبود جي نالي پٺيان بيلطشضر رکيل آهي. دانيال ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. مون کيس پنهنجو خواب ٻڌائيندي چيو تہ


ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“


مگر مون تو بابت ٻڌو آهي تہ تون تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکين ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون هيءَ لکت پڙهي انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندين، تہ پوءِ تو کي شاهي خلعت ڍڪائبي، تنهنجي ڳچيءَ ۾ سونو هار وجھبو ۽ تون بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حاڪم ٿيندين.“


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


سائول دائود کي چيو تہ ”تو ۾ ايتري طاقت ناهي جو تون انهيءَ فلستيءَ سان وڃي مقابلو ڪرين، ڇاڪاڻ تہ تون اڃا ڇوڪراٽ آهين ۽ هو ننڍپڻ کان ئي جنگي جوڌو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ