Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 رملين بادشاهہ کي ورندي ڏيئي عرض ڪيو تہ ”روءِ‌زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو بادشاهہ کي اها ڳالهہ ٻڌائي سگھي. ڪنهن بہ بادشاهہ، پوءِ اهو ڪيڏو بہ وڏو ۽ طاقتور ڇو نہ هجي، تنهن اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر يا نجوميءَ يا رمليءَ کان ڪڏهن بہ ڪين پڇي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:10
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تو تہ پنهنجي جادوگر مشيرن سان صلاحون ڪري ڪري پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي. هاڻ ڀلي تہ اهي نجومي، ستارا ڏسندڙ، ۽ هر مهيني بابت فالون وجھندڙ تنهنجي پاران اُٿي کڙا ٿين، ۽ ڏسون تہ جيڪي ڳالهيون تو تي اچڻيون آهن، تن کان اهي تو کي بچائي سگھن ٿا؟


تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، نجومين، فال وجھندڙن ۽ سندن اڳواڻن رملين کي سڏيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اهي سندس خواب جو تعبير ڪن. جڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا،


دانيال بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ ”جيڪو راز بادشاهہ سلامت پڇيو آهي، سو عالم توڙي نجومي، جادوگر توڙي فال وجھندڙ توهان کي بلڪل ٻڌائي نہ سگھندا.


انهيءَ ئي وقت ڪجھہ رملين بادشاهہ نبوڪدنضر جي ويجھو اچي يهودين تي چغلي هڻندي


تڏهن جادوگر، نجومي، رملي ۽ فال وجھندڙ اچي حاضر ٿيا. مون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، مگر اهي مون کي ان جو تعبير ٻڌائي نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ