Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 12:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هن چيو تہ ”اي دانيال! انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جو ڪتاب هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ پڄاڻيءَ جي وقت تائين انهيءَ تي مُهر لڳي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هن چيو تہ اي داني ايل، پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃ: ڇالاءِ جو ڳالهيون بند ٿي ويون آهن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين انهن تي مهر لڳي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 12:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي لاءِ هن رويا جون سڀيئي ڳالهيون هڪڙي مهربند دستاويز وانگر ٿي ويون آهن. هاڻ جيڪڏهن اهو دستاويز عالم شخصن کي ڏيئي چيو وڃي تہ ”مهرباني ڪري هي پڙهي ٻڌايو،“ جنهن تي هو چوندا تہ ”اسين هي پڙهي نہ ٿا سگھون، ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي.“


اي منهنجا شاگردؤ! اوهين خدا جي ڏنل پيغامن ۽ تعليم کي مُهر لڳائي محفوظ ڪري رکو،


هاڻي آءٌ تو کي اهو سمجھائڻ آيو آهيان تہ ايندڙ ڏينهن ۾ تنهنجيءَ قوم تي ڇا گذرندو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ رويا مستقبل جي باري ۾ ئي آهي.“


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“


مون ٻڌو تہ سهي، پر سمجھي نہ سگھيس. سو مون انهيءَ هستيءَ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هنن ڳالهين جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟“


صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي في‌الحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“


جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ