دانيال 12:6 - Muslim Sindhi Bible6 جيڪا هستي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پايو درياءَ جي مٿاهين پاسي تي بيٺي هئي، تنهن کان هڪڙي پڇيو تہ ”هنن عجيب ڪمن جي پڄاڻيءَ ۾ ڪيترو عرصو باقي آهي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ جيڪو ماڻهو ڪتاني پوشاڪ ڍڪيو نديءَ جي پاڻيءَ جي مٿان بيٺو هو، تنهن کي هڪڙي چيو تہ ڪيتري عرصي کان پوءِ هي عجيب غريب شيون پوريون ٿينديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.