Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 12:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن هيڪل ۾ روزانو واريون قربانيون بند ڪيون وينديون ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکي ويندي، تنهن وقت کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ نوي ڏينهن ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جنهن وقت کان مدامي سوختني قرباني کڄي ويندي، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ قائم ڪئي ويندي، تنهن کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ ۽ نوي ڏينهن ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 12:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏس، ڪاهن هر روز قربان‌گاهہ تي ٻہ هڪ سالا گھيٽا هميشہ پيش ڪندا رهن.


جڏهن تون اهي ڏينهن پورا ڪرين، تڏهن وري پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽي پئج ۽ يهوداہ وارن جي گناهن جي سزا جي نشان طور چاليهن ڏينهن تائين اتي پيو رهج. تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.


”آءٌ توهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڏهن ڏينهن تائين اسان پنهنجي خادمن کي کائڻ لاءِ سادو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ رڳو پاڻي ڏيئي آزمائي ڏسو.


سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہ‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو.


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


صبح ۽ شام وارين قربانين جي باري ۾ جيڪي ڪجھہ رويا ۾ ٻڌايو ويو آهي، سو سچ آهي. پر تون انهيءَ رويا کي في‌الحال راز ۾ رک، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي پوري ٿيڻ ۾ اڃا گھڻو وقت پيو آهي.“


اهو ڌاريو حڪمران آخري هڪڙن ستن سالن جي لاءِ گھڻن ئي ماڻهن سان مضبوط عهد اقرار ڪندو. انهيءَ مدي جي اڌ وقت گذرڻ تي هو هيڪل ۾ قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هيڪل اندر بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ رکي ويندي، ايستائين جو انهيءَ شيءِ جي رکندڙ تي مقرر ڪيل غضب اچي نازل ٿيندو.“


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.


جڏهن تہ عورت پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي خدا هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


انهيءَ حيوان کي ڪفر بڪڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ