Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:38 - Muslim Sindhi Bible

38 تنهن هوندي بہ هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو. هائو، جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا بہ نہ سڃاڻيندا هوندا، تنهن کي هو سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون نذرانو ڏيئي سندس احترام ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 پر انهن جي جاءِ تي هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو: ۽ جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا نہ سڃاڻندا هئا، تنهن کي هو سون ۽ چانديءَ سان، قيمتي پٿرن ۽ سهڻين شين سان عزت ڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:38
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بي‌فائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا.


اهو بادشاهہ نہ پنهنجي ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن، نڪي عورتن جي وڻندڙ معبود ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو. هائو، هو ڪنهن بہ معبود جو لحاظ نہ ڪندو، بلڪ هو پنهنجو پاڻ کي ئي سڀني کان مٿاهون ڪندو.


انهيءَ ڌارئي معبود جو نالو استعمال ڪندي هو پنهنجي قلعن جي حفاظت ڪندو. جيڪي انهيءَ معبود کي مڃيندا، تن جي عزت هو گھڻي وڌائيندو ۽ کين گھڻن مٿان حاڪم مقرر ڪندو ۽ انعام طور کين زمين ورهائي ڏيندو.


انهيءَ کان پوءِ مصر ۾ انهيءَ عورت جي خاندان منجھان هڪڙو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي مصر جو بادشاهہ ٿيندو. هو شام جي بادشاهہ جي لشڪر تي حملو ڪندو ۽ سندس قلعي ۾ گھڙي کيس شڪست ڏيندو.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


سون، چاندي، هيرا جواهرات، موتي، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ريشمي توڙي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهو ڪپڙو، سڀ سرهيون ڪاٺيون، عاج توڙي تمام قيمتي ڪاٺ مان ۽ پتل، لوهہ ۽ سنگمرمر مان ٺهيل هر قسم جون شيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ