Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:36 - Muslim Sindhi Bible

36 سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:36
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين معبودن جي معبود جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


خداوند قومن جي تجويزن کي باطل ٿو ڪري ڇڏي. هائو، هو ماڻهن جي تدبيرن کي رد ڪري ٿو ڇڏي.


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


خداوند، قادرِمطلق خدا جيئن فرمايو آهي تيئن پوري ملڪ تي مقرر ڪيل بربادي آڻي پوري ڪندو.


ڏسو، هاڻي آءٌ ٿوريءَ ئي دير ۾ پنهنجي غضب کي ڍرو ڪري اوهان کي سزا ڏيڻ بند ڪندس ۽ پوءِ آءٌ انهن اشورين تي پنهنجو قهر نازل ڪري کين ناس ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


تون تہ پنهنجيءَ دل ۾ چوندو هئين تہ ’آءٌ عرش عظيم تي چڙهي ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي ستارن کان بہ مٿاهون ڪندس، ۽ عرش تي معبودن جي گڏجاڻيءَ واري جبل تي بادشاهہ بڻجي ويهندس.‘


تو سوچيو ٿي تہ ’آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهي ويندس، آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.‘


اي منهنجي قوم وارؤ! پنهنجي گھرن اندر گھڙي وڃو، ۽ پٺيان دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي لڪايو، جيستائين خدا جي ڪاوڙ لهي وڃي.


خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.


اوهان پاڻ پنهنجي واتان پاڻ کي پڏايو آهي ۽ مون سان گستاخي ڪئي اٿوَ. هائو، اوهان منهنجي خلاف گھڻي ئي بڪواس ڪئي آهي، جيڪا سڄي مون ٻڌي آهي.


ڪاهہ ڪري ايندڙ شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو، ڪوبہ انهيءَ جي سامهون بيهي نہ سگھندو. هو بني اسرائيل جي انهيءَ شانائتي ملڪ ۾ رهي پوندو ۽ انهيءَ کي تباهہ ڪرڻ جي سگھہ رکندو.


پوءِ هڪڙو زبردست شهنشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو گھڻين ئي بادشاهتن تي حڪومت ڪندو ۽ جيئن وڻندس تيئن ڪندو.


اهو بادشاهہ نہ پنهنجي ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن، نڪي عورتن جي وڻندڙ معبود ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو. هائو، هو ڪنهن بہ معبود جو لحاظ نہ ڪندو، بلڪ هو پنهنجو پاڻ کي ئي سڀني کان مٿاهون ڪندو.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


خدا جي انهيءَ ڏنل عظمت جي ڪري سڀ قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ کانئس ڊڄندا ۽ ڏڪندا هئا. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي جيئرو رکندو هو. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي سرفراز ڪندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي ڪيرائي ڇڏيندو هو.


پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.


جڏهن آءٌ انهن سڱن کي غور سان نهاري رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ انهن جي وچان هڪڙو ٻيو ننڍو سڱ نڪتو، جنهن پهرين ڏهن سڱن مان ٽي سڱ پاڙان پٽي ڪڍيا. وري جو ڏسان تہ انهيءَ ننڍي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن مان تڪبر واريون ڳالهيون ٿي نڪتيون.


پوءِ مون کي چوڻ لڳو تہ ”ٻڌ، آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي غضب واري انهيءَ زماني جي آخر ۾ ڇا ڇا ٿيندو، جنهن جي پڄاڻيءَ جو وقت مقرر ٿيل آهي.


مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.


ڏس، آءٌ پنهنجي قوم جي سار سنڀال لاءِ هڪ اڳواڻ کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو اهڙي ريڍار وانگر هوندو جيڪو نہ ناس ٿي ويل رڍن جي ڪا خبرچار لهي ٿو، نہ ڪڻو ڪڻو ٿي ويلن جي ڳولا ٿو ڪري، نڪي زخمين جو علاج ٿو ڪري ۽ نہ وري صحتمندن جي پرورش ٿو ڪري، بلڪ هو رڳو ٿلهين متارين رڍن جو گوشت ٿو کائي ۽ انهن جا کُر ڇني ٿو اڇلائي.


”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.


آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي خداوند عيسيٰ پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي آمد جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو.


پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن خدا پنهنجي راز جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي ٻانهن يعني نبين کي ٻڌايون هيون.“


پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي.


پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ڪفر جو هڪ نالو لکيل هو.


انهيءَ لاءِ جو خدا انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ بادشاهہ سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين بادشاهي ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ