Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:34 - Muslim Sindhi Bible

34 انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي سندن مصيبت واري وقت ۾ ٿورا گھڻا ماڻهو اچي ٽيڪو ڏيندا، پر انهن ۾ گھڻا ئي مطلبي ماڻهو هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 هاڻي جڏهن هو ڪِرندا، تڏهن ٿوري ئي مدد سان پاڻ جهلي ويندا: پر گهڻا خوشامدون ڪري ساڻن اچي گڏبا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:34
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ بادشاهہ جي جاءِ تي هڪڙو نيچ ماڻهو شام جو بادشاهہ بڻبو، جيڪو بادشاهيءَ جو حقدار نہ هوندو. پر اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو ۽ چالبازيءَ سان بادشاهيءَ تي قبضو ڪري وٺندو.


جن انهيءَ عهد جي خلاف‌ورزي ڪئي هوندي، تن کي هو چالبازيءَ سان پاڻ ڏانهن ڦيرائي آڻيندو. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي خدا کي سڃاڻين ٿا، سي ثابت قدم رهندي سندس مقابلو ڪندا.


”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.


انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.


اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


اهي ماڻهو دنيا جا آهن، تنهنڪري هو دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ دنيا انهن جي ٻڌي ٿي.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ دنيا ۾ ڪيترائي گمراهہ ڪندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


سو جڏهن انهيءَ ازدها ڏٺو تہ کيس ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن هو انهيءَ عورت کي ستائڻ لاءِ سندس پٺيان لڳو جنهن کي پٽ ڄائو هو.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ