Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جن انهيءَ عهد جي خلاف‌ورزي ڪئي هوندي، تن کي هو چالبازيءَ سان پاڻ ڏانهن ڦيرائي آڻيندو. پر جيڪي ماڻهو پنهنجي خدا کي سڃاڻين ٿا، سي ثابت قدم رهندي سندس مقابلو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ جيڪي عهد اقرار جي برخلاف شرارت ڪندا، تن کي هو خوشامدون ڪري ڦيرائي ڇڏيندو: پر جيڪي ماڻهو پنهنجو خدا سڃاڻن ٿا سي زور وارا ٿيندا، ۽ وڏا ڪم ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:32
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


مون نظرداري ڪندي ڏٺو تہ ماڻهو پريشان آهن. سو مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻي خلق کي چيو تہ ”دشمنن کان نہ ڊڄو. ڌڻيءَ کي ياد ڪريو جيڪو عظيم ۽ هيبت وارو آهي ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، پنهنجين ڌيئرن، پنهنجين زالن ۽ پنهنجن گھرن لاءِ وڙهو.“


جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.


ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.


خوشامندي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو ٻين کان نفرت ڪندي کين مصيبت ۾ ٿا وجھن.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ بادشاهہ جي جاءِ تي هڪڙو نيچ ماڻهو شام جو بادشاهہ بڻبو، جيڪو بادشاهيءَ جو حقدار نہ هوندو. پر اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو ۽ چالبازيءَ سان بادشاهيءَ تي قبضو ڪري وٺندو.


انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي سندن مصيبت واري وقت ۾ ٿورا گھڻا ماڻهو اچي ٽيڪو ڏيندا، پر انهن ۾ گھڻا ئي مطلبي ماڻهو هوندا.


آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ