Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:28 - Muslim Sindhi Bible

28 تنهن بعد شام جو بادشاهہ گھڻو ئي مالِ‌غنيمت کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندو. پر جيئن تہ هن جي دل انهيءَ عهد جي خلاف هوندي جيڪو خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل آهي، سو بني اسرائيل جي ملڪ وٽان گذرندي جيئن وڻندس تيئن کين نقصان پهچائيندو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تنهن کانپوءِ گهڻي مال متاع سان هو موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو؛ ۽ هن جي دل پاڪ عهد اقرار جي برخلاف ٿيندي؛ ۽ هو پنهنجي مرضيءَ تي هلت ڪندو، ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ موٽندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:28
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.


باقي هنن ٻنهي بادشاهن جي دل بڇڙائيءَ ڏانهن راغب هوندي. هو هڪڙي ئي دسترخوان تي ويهي هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائيندا. پر انهن کي ڪوبہ فائدو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


پوءِ مقرر ٿيل وقت تي هو وري مصر تي حملو ڪرڻ نڪرندو، پر جيئن اڳي ڪامياب ٿيو هو تيئن هاڻي نہ ٿيندو.


ان سڱ اهو آسماني لشڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي پليتي رکيائين. شريعت واري راهہ کي هن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کيس جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين ۽ ڪامياب پئي رهيو.


هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو.


اوهين انهن نبين جا وارث ۽ انهيءَ عهد جا شريڪ آهيو جيڪو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابراهيم کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ