Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:26 - Muslim Sindhi Bible

26 هائو، جيڪي سندس نمڪ کائيندا هوندا، سي ئي کيس اهڙو برباد ڪندا جو سندس گھڻا ئي سپاهي قتل ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح سندس لشڪر ٻُهارجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هائو، جيڪي سندس ماني ٿا کائين، سي ئي کيس ناس ڪندا، ۽ ان جو لشڪر گهڻائيءَ کان اُٿلي پوندو؛ ۽ گهڻا مارجي ڪِري پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:26
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ حزائيل اليشع وٽان روانو ٿيو ۽ پنهنجي مالڪ وٽ موٽي آيو. تڏهن بن‌هدد کانئس پڇيو تہ ”اليشع تو کي ڇا چيو؟“ هن وراڻيس تہ ”مون کي چيائين تہ توهين ضرور ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا.“


منهنجو اهو گَهرو دوست پڻ، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجو نمڪ کاڌو هو سو بہ منهنجي خلاف ٿيو آهي.


ان کان پوءِ شام جي بادشاهيءَ تي ايندڙ سندس پٽ بہ جنگ لاءِ تياري ڪندي وڏا لشڪر گڏ ڪندا رهندا. انهن مان هڪڙو زبردست ٻوڏ وانگر مصر تي ڪاهي ايندو ۽ جنگ ڪندي ڪندي شاهي قلعي تائين پهچي ويندو.


هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندڙ ئي مون کي پڪڙائيندو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي.


”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پاڪ ڪلام جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ