Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:25 - Muslim Sindhi Bible

25 هو وڏي طاقت ۽ همت جھلي هڪڙو وڏو لشڪر ساڻ ڪري مصر جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ اٿندو. مصر جو بادشاهہ بہ نهايت وڏي ۽ زور واري لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ايندو. پر مصر جو بادشاهہ بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هن جي خلاف سازشون جوڙيون ويون هونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ هو هڪڙي وڏي لشڪر سان ڏاڍي سگهہ ۽ همت جهلي، ڏکڻ جي بادشاهہ سان وڙهندو؛ ۽ ڏکڻ جو بادشاهہ بہ تمام وڏي زور واري لشڪر سان جنگ ڪندو: پر هو بيهي نہ سگهندو، ڇالاءِ جو هو ان جي برخلاف منصوبا ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:25
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


ان کان پوءِ شام جي بادشاهيءَ تي ايندڙ سندس پٽ بہ جنگ لاءِ تياري ڪندي وڏا لشڪر گڏ ڪندا رهندا. انهن مان هڪڙو زبردست ٻوڏ وانگر مصر تي ڪاهي ايندو ۽ جنگ ڪندي ڪندي شاهي قلعي تائين پهچي ويندو.


پوءِ انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ تو کي انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي حقيقت ٻڌايان ٿو. سو ٻڌ، فارس ۾ اڃا ٽن بادشاهن جي حڪومت اچڻي آهي ۽ ان بعد چوٿون بادشاهہ ٿيندو، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ دولتمند هوندو. هو دولت ۽ طاقت ۾ ايترو تہ وڌي ويندو، جو پوري شهنشاهت کي يونان جي بادشاهت خلاف اٿاري کڙو ڪندو.


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


پوءِ مصر جو بادشاهہ زور وٺندو. پر سندس فوجي سالارن مان هڪڙو سالار ساڻس بغاوت ڪري انهيءَ کان بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو ۽ کانئس وڏي علائقي کي شام جي بادشاهت ۾ شامل ڪري مٿس حڪومت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ