Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هو پنهنجي ملڪ جي آس‌پاس وارن شاهوڪار علائقن تي اوچتو ئي اوچتو ڪاهہ ڪري ويندو ۽ اهو ڪجھہ ڪندو جيڪو هن جي ابن ڏاڏن مان ڪوبہ ڪري نہ سگھيو هوندو. هو پنهنجن ۾ لُٽ ڦُر جو مال ۽ ٻيو مال‌متاع ورهائيندو ۽ مضبوط قلعن جي خلاف رٿون رٿيندو. مگر اها ڳالهہ رڳو ٿوري عرصي تائين هلندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 صلح ۽ سلامتيءَ جي وقت هو پرڳڻي جي تمام آباد جاين تي ايندو؛ ۽ هو اُهي ڪم ڪندو، جي هن جي ابن ڏاڏن يا پڙڏاڏن بہ نہ ڪيا هوندا؛ هو انهن ۾ لٽ ۽ ڦر جو مال ۽ ٻيو مال متاع ورهائيندو: هائو، ڪجهہ عرصي تائين هو مضبوط قلعن وٺڻ لاءِ پنهنجون رٿون رٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن قلعن وارن شهرن ۽ زرخيز زمين تي قبضو ڪيو، ۽ هر قسم جي سٺين شين سان ڀريل گھرن، کوٽيل کوهن، انگورن ۽ زيتونن جي باغن، توڙي بي‌شمار ميويدار وڻن تي قبضو ڪيائون. هنن ايترو تہ ڍءَ تي کاڌو پيتو جو ٿلها متارا ٿي پيا، هائو، تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي ڪري خوب مزا ماڻيائون.


ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.


امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي.


انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن.


هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.


خداوند ياجوج کي اهو بہ فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ هڪڙو برو منصوبو رٿيندين.


هو ٻين قومن سان معاهدن جي آڙ ۾ دغابازي ڪندو ۽ ٿورن ئي ماڻهن جي مدد سان مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو.


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


معلوم ڪريو تہ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص، منجھس وڻ آهن يا نہ.“ جيئن تہ انهيءَ وقت انگورن جي پچڻ جي مند هئي، سو موسيٰ چين تہ ”اوهين همت ڪري انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اچجو.“


عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


هنن بعل‌بريت ديوتا جي مندر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آڻي ابيملڪ کي ڏنا، جن سان هن ڪي لچا‌لفنگا ماڻهو ڀاڙي ڪيا جيڪي سندس پوئلڳ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ