Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هو ٻين قومن سان معاهدن جي آڙ ۾ دغابازي ڪندو ۽ ٿورن ئي ماڻهن جي مدد سان مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هن سان ٻڌي ڪري رهڻ کان پوءِ هو دغابازيءَ جي هلت ڪندو: ڇالاءِ جو هو چڙهي ايندو، ۽ ٿورن ئي ماڻهن سان زور وارو ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي دغابازيءَ سان جواب ڏنو، ڇو تہ سڪم سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو لُٽي هئي.


تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو.


هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.


هو پنهنجي ملڪ جي آس‌پاس وارن شاهوڪار علائقن تي اوچتو ئي اوچتو ڪاهہ ڪري ويندو ۽ اهو ڪجھہ ڪندو جيڪو هن جي ابن ڏاڏن مان ڪوبہ ڪري نہ سگھيو هوندو. هو پنهنجن ۾ لُٽ ڦُر جو مال ۽ ٻيو مال‌متاع ورهائيندو ۽ مضبوط قلعن جي خلاف رٿون رٿيندو. مگر اها ڳالهہ رڳو ٿوري عرصي تائين هلندي.


هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو.


جيئن تہ هو بيحد چالاڪ هوندو، سو پنهنجي ٺڳيءَ وارين اٽڪلن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجھندو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سندن بي‌خبريءَ ۾ ناس ڪري ڇڏيندو. ايتري قدر جو هو حاڪمِ اعليٰ خدا جي خلاف پڻ اُٿي کڙو ٿيندو. پر انهيءَ کي انساني هٿ لائڻ کان سواءِ ئي تباهہ ڪيو ويندو.


سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اهو وڳوڙي شيطان جي عمل سان هر قسم جي طاقت جو استعمال ڪندو ۽ ڪوڙيون نشانيون ۽ عجيب ڪم ڪري ڏيکاريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ