Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ شام جو بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندو ۽ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٻڌي هڪ مضبوط قلعي واري شهر کي هٿ ڪري وٺندو. مصر جا سپاهي جنگ جاري رکي نہ سگھندا، بلڪ انهن جي چونڊ جوانن ۾ بہ مقابلي جي طاقت نہ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ اُتر جو بادشاهہ ايندو ۽ هڪڙو بند ٻَڌائيندو، ۽ هڪڙو مضبوط قلعي وارو شهر وٺندو: ۽ ڏکڻ جون ٻانهون، توڙي هن جا چونڊيل ماڻهو، پير جهلي نہ سگهندا، نڪا پير جهلڻ جي ڪا طاقت هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، هن شهر جي گھرن ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي محلاتن، جيڪي ڊاهي ڍير ڪيل آهن تن بابت آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ انهن جي بچاءَ لاءِ دِڪا ڊاهڻ ۽ جنگ ڪندڙن سان وڙهڻ فضول آهي.


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


سو صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن يروشلم جي ٻاهران پنهنجا خيما کوڙيا ۽ شهر جي چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين.


قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.


پر جڏهن بابل وارا يهوداہ جي شهرن تي حملو ڪندي مٽيءَ جا دِڪا ٺاهيندا ۽ مورچا اڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ يهوداہ جي ماڻهن کي ماري ڇڏين، تڏهن فرعون پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ماڻهن جي وڏي انبوہ هوندي بہ جنگ ۾ يهوداہ جي مدد ڪري نہ سگھندو.


پوءِ انهيءَ شهر جي چوڌاري گھيرو ڏيکار جنهن ۾ مورچا، مٽيءَ جا دِڪا، لشڪرگاهہ جا تنبو ۽ ڀتين ڀڃڻ واريون مشينون بيهار.


انهن ڏينهن ۾ گھڻا ئي ماڻهو مصر جي بادشاهہ خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ تنهنجيءَ قوم بني اسرائيل جا ڪي فسادي ماڻهو بہ اٿندا، تان‌تہ سندن رويا پوري ٿئي. پر اهي ناڪام ٿيندا.


ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جو بادشاهہ شام جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيندو. پر اهو اتحاد جٽاءُ نہ ڪندو، ڇو تہ اها عورت پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ ساڻس گڏ آيل خدمتگارن سميت قتل ڪئي ويندي ۽ ان بادشاهہ جو نسل ئي ختم ٿي ويندو.


گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي.


تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ