Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ڇاڪاڻ تہ شام جو بادشاهہ موٽي وڃي وري اڳي کان بہ وڏو لشڪر گڏ ڪندو. ڪجھہ سالن جي عرصي کان پوءِ هو هڪڙي وڏي لشڪر کي پوريءَ طرح مسلح ڪري مصر تي وري اچي ڪاهہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:13
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،


انهن ڏينهن ۾ گھڻا ئي ماڻهو مصر جي بادشاهہ خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ تنهنجيءَ قوم بني اسرائيل جا ڪي فسادي ماڻهو بہ اٿندا، تان‌تہ سندن رويا پوري ٿئي. پر اهي ناڪام ٿيندا.


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


ڇاڪاڻ تہ هُن جي انساني سوچ بدلجي حيواني ٿيندي، ايستائين جو هن جي مٿان ستن سالن جو عرصو گذري ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ