Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن مصر جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو ۽ نڪري اچي شام واري بادشاهہ سان وڙهندو ۽ انهيءَ جي وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيئي هٿ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ هڪڙو نبي آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تون هي هيڏو سارو لشڪر ڏسين ٿو؟ اهو اڄ آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ پوءِ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


هاڻ آءٌ ئي آهيان جيڪو توهان جا سڀ ملڪ نبوڪدنضر جي حوالي ٿو ڪريان، بلڪ جھنگ جا سڀ جانور بہ آءٌ هن جي تابع ٿو ڪريان، جنهن کي مون انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو آهي.


انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


پر اوڀر ۽ اتر کان ايندڙ اطلاع کيس پريشان ڪري ڇڏيندا. تڏهن هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گھڻن ئي کي نيست وَ نابود ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيندو.


پوءِ مصر جو بادشاهہ زور وٺندو. پر سندس فوجي سالارن مان هڪڙو سالار ساڻس بغاوت ڪري انهيءَ کان بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو ۽ کانئس وڏي علائقي کي شام جي بادشاهت ۾ شامل ڪري مٿس حڪومت ڪندو.


ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو.


گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ