Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:20 - Muslim Sindhi Bible

20-21 تڏهن منهنجي اڳيان بيٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ آءٌ تو وٽ ڇالاءِ آيو آهيان؟ آءٌ تو وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان جيڪا ’حق جو ڪتاب‘ ۾ لکيل آهي. پر ڏس، مون کي فارس جي محافظ فرشتي سان وڙهڻ لاءِ جلد ئي موٽي وٽس وڃڻو آهي ۽ منهنجي اتان نڪرڻ سان ئي يونان جو محافظ فرشتو اچي مون تي حملو ڪندو. جڏهن تہ اوهان بني اسرائيل جي محافظ فرشتي ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جيڪو هنن جي خلاف منهنجي ڀر کڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ان ملڪ جي رهاڪن يهودين کي بي‌همت ڪرڻ شروع ڪيو ۽ تعمير جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجھڻ لاءِ کين ڊيڄارڻ لڳا.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


پر فارس ملڪ جي محافظ فرشتي ايڪيهن ڏينهن تائين منهنجو مقابلو ڪيو. مگر ميڪائيل جيڪو وڏن فرشتن مان هڪ آهي، تنهن اچي منهنجي مدد ڪئي، ڇو تہ آءٌ اتي فارس جي محافظ فرشتي وٽ روڪجي ويو هئس.


تنهن کان پوءِ مون ٽيون جانور ڏٺو، جيڪو چيتي جهڙو هو. پر انهيءَ جي پٺيءَ تي پکيءَ جي پرن جهڙا چار پر هئا ۽ کيس چار مٿا پڻ هئا. انهيءَ کي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.


جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو پهريون بادشاهہ آهي.


انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ