Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن هي ٻانهو تو آقا سان ڪيئن ڳالهائي ٿو سگھي؟ هائو، مون ۾ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، بلڪ ساهہ ئي ڇڏائي ويو اٿم.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو ڪهڙي طرح منهنجي مالڪ جو ٻانهو منهنجي مالڪ سان ڳالهائي سگهندو؟ ڇالاءِ جو مون ۾ تہ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، ۽ نہ مون ۾ باقي ڪو ساهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“


پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگھندين، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جيڪو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.“


اهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس ۽ اها حيرت‌انگيز رويا ڏسي پريشان ٿي ويس، منهنجي منهن جو رت ڇڏائي ويو ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي.


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي هدايت تي چيو هو تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


تڏهن جِدعون سمجھي ويو تہ اهو برابر خداوند جو ملائڪ هو. سو هن دهشت وچان چيو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! مون تنهنجي ملائڪ کي روبرو ڏٺو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ