Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن ڇا ڏسان تہ آدمزاد جهڙي هڪڙي شخص اچي منهنجي چپن کي ڇهيو تہ آءٌ ڳالهائڻ جهڙو ٿيس ۽ جيڪو فرشتو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن سان ڳالهائيندي کيس چيم تہ ”اي منهنجا آقا! هن رويا جي ڏسڻ سبب ايتري تہ تڪليف ٿي اٿم جو ڄڻ تہ ويم جهڙن سورن اچي ورتو آهي ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“


پر موسيٰ وراڻيو تہ ”اي مالڪ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي کي موڪل.“


انهيءَ سبب جو جيتري وڌيڪ ڏاهپ، اوترا ئي وڌيڪ ڏک ڏسڻا پون ٿا. هائو، جنهن کي وڌيڪ ڄاڻ هوندي، تنهن کي ڏک بہ وڌيڪ ملندا.


هن اهو آڻي منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”ڏس، هي تنهنجي چپن کي لڳو آهي. سو هاڻي تنهنجا قصور معاف ڪيا ويا آهن ۽ تنهنجي گناهن جو ڪفارو ڏنو ويو آهي.“


پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.


انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


پوءِ جڏهن آءٌ تو سان وري ڳالهائيندس، تڏهن تو کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندس. پوءِ تون هنن کي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌائج. انهن مان ڪي تہ اهو ٻڌندا پر ڪي ٻڌڻ کان انڪار ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي قوم وارا آهن.“


انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.


مون ٻڌو تہ سهي، پر سمجھي نہ سگھيس. سو مون انهيءَ هستيءَ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هنن ڳالهين جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟“


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


رويا ۾ اهي ڳالهيون ڏسندي آءٌ دانيال پريشان ٿي ويس ۽ مون کي بي‌قراري وٺي ويئي.


اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.


انهيءَ رويا جي آخر ۾ جڏهن آءٌ دانيال انهيءَ جي مطلب سمجھڻ جي فڪر ۾ هئس تہ اوچتو انساني صورت ۾ ڪو منهنجي سامهون اچي بيٺو.


تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“


جڏهن هو اهو ڳالهائي رهيو هو، تڏهن آءٌ گَهري ننڊ جي حالت ۾ منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو هئس. سو هن مون کي وٺي سڌو ڪري بيهاريو.


تڏهن آءٌ دانيال ساڻو ٿي پيس ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار پيو هئس. پوءِ ٺيڪ ٿيڻ تي اُٿي بادشاهہ جي ڪمن ڪارين کي لڳي ويس. انهيءَ رويا سبب آءٌ پريشان هئس، ڇوجو اها سمجھہ کان ئي ٻاهر هئي.


هائو، اڃا مون دعا ئي پئي گھري تہ اهو ئي شخص جبرائيل، جنهن کي مون اڳ رويا ۾ ڏٺو هو، سو اٽڪل شام جي قربانيءَ واري وقت تيزيءَ سان اڏامندو مون وٽ آيو.


انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“


هن وراڻيو تہ ”ڪنهن جي بہ طرف نہ. آءٌ هتي هينئر خداوند جي لشڪر جو سپهہ‌سالار ٿي آيو آهيان.“ تڏهن يشوع کيس تعظيمي سجدو ڪيو ۽ چيائينس تہ ”آقا! مون ٻانهي جي لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“


انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.


تڏهن منوحہ خداوند کان دعا گھري تہ ”اي مالڪ! جنهن ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، مهرباني ڪري تنهن کي وري بہ اسان وٽ موڪل، تہ اچي اسان کي ٻڌائي تہ ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اسين ان ٻار سان ڪهڙي هلت ڪريون.“


جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“


جِدعون وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ بني اسرائيل کي ڪيئن ڇڏايان؟ منسي قبيلي ۾ منهنجو خاندان بلڪل خسيس آهي ۽ آءٌ پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪمتر ڀاتي آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ