Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن انهيءَ هستيءَ مون کي چيو تہ ”اي دانيال، بيحد پيارا شخص! اُٿي سنئون ٿي بيهہ، آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان. سو هاڻي جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سي سمجھي وٺ.“ جڏهن هن مون کي ائين چيو تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، انهيءَ طوفان جي ڪري منهنجي دل ڏڪي ٿي، ايتري قدر جو سيني کان ٻاهر نڪتي ٿي اچي.


جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.


اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين.


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


اهو آواز مون حزقي‌ايل سان مخاطب ٿيو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ تو سان ڳالهايان.“


پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“


انهيءَ سوڳ دوران مون نڪي دل گھريو طعام کاڌو، نہ گوشت يا مئي چپن تي رکيم ۽ نہ ئي وري ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين اهي ٽي هفتا پورا نہ ٿيا.


تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.


شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“


پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو ٻانهو ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين.


هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ