Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان سلام لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي فضل ٿيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان نمسڪار لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي ڪرپا ٿيندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان کي سلام ٿو چوان.


گيُس بہ اوهان کي سلام ٿو ڏئي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي ڪليسيا جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي سلام ڏئي رهيا آهن.


هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا سلام هجن.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ خدا جي فضل ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جي منادي ڪرڻ وقت بہ.


انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو جو خدا اسان لاءِ پيغام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.


هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان هي سلام لکي رهيو آهيان. آءٌ ائين ئي لکندو آهيان، جيڪا هر خط ۾ منهنجي نشاني هوندي آهي.


ڪي ماڻهو اهڙي علم جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.


تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


شل خداوند عيسيٰ تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس فضل ٿيندو رهي.


جيڪي مون سان گڏ آهن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. اسان سان محبت رکندڙ سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجانءِ. شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي.


شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي. آمين.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ