Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جي زندگي آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جو جيون آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:4
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


پوءِ سچار پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنهن وقت ابنِ آدم ظاهر ٿيندو.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو


جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.


سڄي مخلوقات ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن خدا جا ٻار انهيءَ جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


جو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ آهي.


اهو بي‌قدريءَ سان پورجي ٿو، پر شان وَ شوڪت سان جيئرو ٿئي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ٿي جيئرو ٿئي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


انهيءَ کان پوءِ اسان ايمان وارن مان جيڪي ان وقت جيئرا هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ خداوند عيسيٰ جو استقبال ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ خداوند عيسيٰ سان هميشہ گڏ رهنداسين.


تون اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين انهيءَ حڪم تي بي‌داغ ۽ بي‌الزام رهي عمل ڪر.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان، تہ جيئن انهيءَ واعدي ڪيل زندگيءَ جو پيغام ٻڌايان جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿي.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.


سو جنهن وٽ خدا جو فرزند آهي تنهن وٽ زندگي آهي ۽ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.


خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي آبِ‌حيات جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ