ڪلسين 3:22 - Muslim Sindhi Bible22 اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible22 اي غلامؤ! پنهنجي سنساري مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صافدليءَ سان ۽ پرميشور جو خوف رکندي سندن سيوا ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament22 اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘