Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اي ٻارو، سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند کي گهڻو پسند آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اي ٻارؤ! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماتا پتا جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کيس معلوم ٿيو تہ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان‌ارام ڏانهن هليو ويو آهي.


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.


جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ دعائون نہ ٿا گھرن بلڪ کين پٽ پاراتا ٿا ڏين.


جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.


اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو.


سو اسان جي وڏي يهوناداب جن ڳالهين جو اسان کي حڪم ڏنو هو، تن تي عمل ڪندي اسان، اسان جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن ڪڏهن بہ مئي نہ پيتي آهي،


تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘


’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“


سو جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ گھرجي.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بي‌عزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙي قبول پوندڙ قرباني آهي، جنهن کي خدا پسند ٿو ڪري.


اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صاف‌دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.


غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي تابع رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


تڏهن رُوت وراڻيس تہ ”جيئن تون چوين ٿي، آءٌ تيئن ئي ڪنديس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ