Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي عرش عظيم تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي زمين تي آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 انهن شين سان دل لايو جي مٿي آسمان ۾ آهن، نہ انهن شين سان جي زمين تي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي آڪاش تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي ڌرتيءَ تي آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اوھين انھن شين سان دل لڳايو جيڪي آسمان ۾ آھن، نہ انھن سان جيڪي زمين تي آھن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“


انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.


اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.


خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا.


دولت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ڏسندي ڏسندي ائين اڏاميو وڃي، جيئن ڪو پکي اڏامي هليو ٿو وڃي.


سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


”اوهين هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


سو جيڪڏهن اوهين هن دنياوي دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي عرش عظيم تي آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بت‌پرستيءَ جي برابر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ